news
ڏوڪري

رائيس ريسرچ سينٽر ڏوڪري جو نئون آيل ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اشرف علي سومرو خارج سنڀالڻ بعد گڏجاڻي ڪئي

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) رائيس ريسرچ سينٽر ڏوڪري جو نئون ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اشرف علي سومرو خارج وٺي ڪم شروع ڪيو آهي.

ان سلسلي ۾ پنهنجي اداري جي اسٽاف سان هڪ تعارفي گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ گزيٽيڊ نان گزيٽيڊ ملازمن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي هن ملازمن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته رائيس ريسرچ سينٽر ڏوڪري هڪ ملڪ جو وڏي ۾ وڏو ادارو آهي، جنهن کي اڃا وڌيڪ مظبوط ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ آهي، اداري ۾ نئون جنسون متعارف ڪرڻ لاءِ ڪوششون ۽ محنت ڪيو.

ان موقعي تي هن اداري جا مختلف سيڪشن گھميا ۽ آفيسرن کي ھدايتون ڏنيون ته محنت ڪيو، اداري جي پيداوار وڌايو.

ان موقعي تي ملازمن پاران گلن جا هار ۽ اجرڪ پاريا ويا.