news
بدين

لاهور جي صحافين تي ڪوڙن ڪيسن ۽ سندن گرفتاري خلاف بدين ۾ صحافين جي احتجاجي ريلي ۽ مظاهرو

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) لاهور جي سينئر صحافين عامر مير ۽ عمران شفقت خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين  گرفتار ڪرڻ خلاف فيڊرل يونين آف جرنلسٽ پاڪستان ۽ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي بدين صحافين پريس ڪلب جي صدر تنوير احمد آرائين، ايوان صحافت جي جنرل سيڪريٽري شفيع محمد جوڻيجو، غلام مصطفيٰ جمالي، سينئر صحافين خالد عزيز عباسي، اشرف عبداللہ ميمڻ، عمران عباس، خواجه شاد الطاف ميمڻ، علي محمد شاهاڻي، باغ جوڻيجو، جهانزيب نعيم ملاح ۽ بشير شيخ جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

جنهن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ تي حڪومت ميڊيا جي ادارن تي بندش بعد صحافين خلاف انتقامي ڪاررواين تي لهي آهي، عامر مير ۽ عمران شفقت جي گرفتاري به ان سلسلي جي ڪڙي آهي پر ملڪ جا صحافي ڪڏهن به اهڙين انتقامي ڪاررواين کان ڊڄي حق ۽ سچ لکڻ کان نه ڪيٻائيندا.

هنن مطالبو ڪيو ته صحافين مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کين آزاد ڪيو وڃي.