news
شهدادپور

شھدادپور: ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور ۾ پوليس ٽرينگ ڪاليج وٽ  ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر سبب موٽرسائيڪل سوار 25 ورهين جو نوجوان اشوڪ ڀيل فوت ٿي ويو ۽ هريش ڀيل زخمي ٿي پيو، فوتي ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

جڏهن ته پوليس ٽريڪٽر ٽرالي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي.