news
شهدادپور

شھدادپور: وڏي منشي جو ڊرائيور سڏائيندڙ شخص پاران نينگر کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور جي جٽيا ٿاڻي جي وڏي منشي جو ڊرائيور سڏائيندڙ نالي پپو مھر 10 سالن جي هندو نينگر سني پٽ آنڀو ڪاريو کي جٽيا پاڙي مان زبردستي موٽرسائيڪل تي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نينگر جي دانهن تي شھرين پپو مهر کي قابو ڪري جٽيا پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.

جڏهن ته جٽيا پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بجاءُ جوابدار پپو مھر جي ونگار وھندي ھندو ڪسرين تي ٺاهه لاءِ پريشر ڪري ٻنھي ڌرين کي ڀاڪر پارائي موڪلي ڇڏيو.