شھدادپور پوليس جي ڪارروائي، ويهه ڪلو چرس هٿ، جوابدار گرفتار

news

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور پوليس خفيه اطلاع تي شھر جي ھالا روڊ تي ناڪابندي ڪري وڏي مقدار ۾ چترالي چرس ڪار ۾ کڻي ايندڙ ڪار کي روڪي چترالي چرس سان ڀريل ڪار ۽ جوابدار عابد راجپوت سميت سوگھو ڪري ٿاڻي تي آڻي 20 ڪلو چرس ڪيس ۾ ڏيکاري جوابدار کي لاڪپ ڪري ڇڏيو.

ٻئي طرف ٻڌايو پيو وڃي ته اعليٰ ڪوالٽي جي چترالي چرس سان ڀريل ڪار ۾ ھڪ مڻ کان وڌيڪ چترالي چرس ھو، پوليس ڪجھ چرس ڪيس ۾ ظاھر ڪري باقي چترالي چرس ڊٻو ڪري ڇڏيو.