نئون ديرو لڳ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ نوجوان تي حملو، زخمي

news

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) نئون ديرو لڳ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن جو نوجوان مٿان چاقن سان حملو ڪيو، حملي ۾ نوجوان زاهد لاشاري مٿي ۽ جسم ۾ چاقو لڳڻ ڪري رتورت ٿي ويو.

جڏهن ته ڳڙهي خدابخش ڀٽو پوليس نوجوان کي نئون ديرو اسپتال علاج لاءِ پهچايو ويو، جتي طبي امداد ڏني وئي.
هوڏانهن زخمي زاهد لاشاري ٻڌايو ته جوابدار لعل بخش بروهي ساٿين سان گڏجي حملو ڪيو، لعل بخش بروهيءَ گهرواريءَ جي نوڪريءَ لاءِ 8 لک روڪ ۽ 3 لکن جو چيڪ ورتو هيو، جنهن بعد نه نوڪري ملي ۽ نه ئي پئسا واپس ڪيا، جيڪي پئسا واپس گهرڻ تان هن حملو ڪيو آهي.
هنن اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي، پئسا واپس ڏياري، حملي آور لعل بخش بروهي کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.