news
نٸون ديرو

نئون ديرو مان نينگري گهران نڪرڻ بعد پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) نئون ديرو شهر جي گهاڙ واهه پاڙي جي رهواسي 10 ورهين جي نينگري ذڪيه خاتون ڌيءَ مختيار علي ناريجو 4 ڏينهن اڳ گهران سودو وٺڻ لاءِ وئي ته پراسرار نموني گم ٿي وئي آهي، وارثن پاران نينگري جي اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي.

جڏهن ته نينگري جي چاچي اختيار علي ناريجو، حسين بخش ناريجو، علي محمد ناريجو، اعجاز، ديدار، شاهد ناريجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو آهي.

هوڏانهن دانهيندي اختيار ناريجو چيو ته منهنجي 10 ورهين جي ڀائٽي ذڪيه خاتون 4 ڏينهن کان لاپتا آهي، جنهن جي ڳولا به ڪئي آهي پر ڪٿان به ڏس پتو نٿو ملي، اسان کي شڪ آهي ته اسان جي نياڻيءَ کي ڪنهن زبردستي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڳولا ۽ بازيابيءَ لاءِ اسان جي مدد ڪئي وڃي، اسان مٽن، مائٽن توڙي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڳولا به ڪئي آهي پر ڪٿان به ڪو پتو کرو نٿو ملي. هنن چيو ته نئون ديرو ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي آهي.

هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته گم ٿيل نياڻيءَ جي بازيابيءَ ۽ ڳولا ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي.