news
ڏوڪري

ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ عالماڻي پوليس چوڪي وٽ افسوس ناڪ روڊ حادثو، چار ڄڻا فوت، ٻه زخمي

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) ڏوڪري ڀرسان سيهڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ عالماڻي پوليس چوڪي وٽ افسوس ناڪ روڊ حادثو پيش آيو.

جڏھن ته تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت هڪ مرد ۽ ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏھن ته 2 ڄڻا سخت زخمي آھن.

جڏھن ته ڳوٺاڻن پنهنجي مدد تحت ڪار مان ماڻھو ڪڍي ورتا بعد ۾ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پوليس واقعي واري جاءَ تي پهچي فوتين ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو ويو، جتي 4 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي.

جڏھن ته ٻن ڄڻن زخمين کي ڏوڪري اسپتال مان بروقت علاج ڪرائڻ بعد لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آھي.

هوڏانهن فوت پيرسن سيد شھزادو هڪ عورت جڏھن ته ٻه معصوم ٻارڙا سيد اقرار شاهه، سيد فرمان شاهه شامل آھن، جڏھن ٻه ڄڻا سيد سڪندر شاهه ۽ رستم ميمڻ ڊرائيور شامل آھن.

هوڏانهن زخمي سيد سڪندر شاهه ٻڌايو ته اسان سعدي موساڻي زيارت لاءِ وڃي رهيا هياسين ته اچانڪ سامهون ڪار اسپيڊ ۾ اچي وئي ۽ ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وئي.