news
جيڪب آباد

ڪوئيٽا گهمڻ لاءِ ويندڙ جيڪب آباد واسين جو ڪار سبي ڀرسان حادثي جو شڪار، ٽي ڄڻا فوت، ٻه ڄڻا زخمي

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي اي ڊي سي ڪالوني واسي کوسا برادري سان تعلق رکندڙ گھمڻ لاءِ ڪوئيٽا وڃي رهيا هئا ته سبي ڀرسان لمجي واري علائقي وٽ حادثو پيش آيو، تيز رفتاري سبب ڪار ڪلٽي ٿي کامي ۾ ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيڊٽ ڪاليج مري ۾ پڙھندڙ انٽر جو شاگرد محسن علي کوسو ۽ نينگر يوسف کوسو ٿڏي تي فوت ٿي ويا.

جڏهن ته ذاڪر کوسو، ڪليم الله کوسو ۽ راشد کوسو سخت زخمي ٿي پيا، علائقي واسي واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ڪار مان ڪڍي سول اسپتال سبي منتقل ڪيو ويو، جتي ھڪ وڌيڪ زخمي ٿيل نوجوان ڪليم الله کوسو زخمن جا سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

جڏهن ته ڪار حادثي جي خبر جيڪب آباد ۾ باھه جيان پکڙجي وئي، فوتين ۽ زخمين جا وارث جيڪب آباد کان سبي پھچي ويا، اسپتال انتظاميا پاران لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، وارث حادثي ۾ شڪار ٽن ڳڀرو جوانن جا لاش کڻي گهر اي ڊي سي ڪالوني پھتا ته گهرن ۾ قھرام مچي ويو، جنهن سبب علائقي جو ماحول سوڳوار ٿي ويو.

ان سلسلي ۾ حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوانن جي وارث اسپورٽس آفيسر جانب علي کوسو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پنج ئي نوجوان جيڪب آباد کان ڪوئيٽا گهمڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته سبي ڀرسان حادثو پيش آيو، جنهن ۾ ٽي نوجوان فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٻه زخمي ٿي پيا آهن، زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.