news
بدين

بدين: سينئر صحافي الله رکيو نعيم ملاح جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) نالي واري سينئر صحافي ڪالم نويس پريس ڪلب بدين جي اڳوڻي صدر الله رکيو نعيم ملاح جي ياد ۾ پريس ڪلب بدين طرفان العباس هال ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو.

جنهن کي خطاب ڪندي نالي واري ليکڪ پروفيسر عبدالله ملاح چيو ته ماڻهو جي چڱائي سٺائي جو وزن هوندو هو پوءِ چاهي ان جو تعلق سماج جي ڪهڙي طبقي سان هجي. هن وڌيڪ چيو ته طنز ۽ مزاح ڪنهن سکئي ماڻهو جو ڪم نه پر غمگين دل جو ڪم آهي، الله رکيو نعيم ملاح پنهنجي زندگيءَ ۾ محروميون ٽن پٽن جا لاش کڻڻ جي باوجود لکڻين ۽ عملي زندگيءَ ۾ طنز مزاح کان ڪم وٺي سچ چئي ڏيندو هو، هن ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي سودي بازي نه ڪئي.

هن چيو ته الله رکيو نعيم ملاح عملي زندگيءَ ۾ وڏو ماڻهو هو هن پنهنجي هر شعبي ۾ محنت ڪئي، جنهن پنهنجي ڪتابن جي مطالعي جو شوق آخر تائين جاري رکيو، اديب دانشور محمد صديق مرهم چيو ته الله رکيو نعيم ملاح غربت پيرسني ڏسڻ جي باوجود ته کِل مُک شخصيت هو.

هن وڌيڪ چيو ته آئون جڏهن زندگي کان مايوس هئس ته الله رکيو نعيم ملاح مون حوصلو ڏنو، جنهن جيئن جو اتساءُ پيدا ٿيو، ليکڪ سياسي سماجي اڳواڻ الله رکيو نعيم ملاح گهڻ پڙهو شخصيت هو کيس ڪتابن سان وڏو چاهه هو هر ڪنهن کي پيار سان ڏسندو هو آخر تائين مٿس ڪو داغ نه لڳو الله رکيو نعيم ملاح جي اوچتي وڇوڙي تي اسان هڪ بهترين ماڻهو کان محروم ٿي ويا آهيون.

ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر تنوير احمد آرائين، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي سينئر نائب صدر مصطفيٰ جمالي ايوان، صحافت جي صدر حاجي خالد محمود گهمڻ، پ پ پ ليديز ونگ ضلعي جي صدر ساجدہ ٽالپر، جماعت اسلامي جي ضلعي امير سيد علي مردان شاهه، ڪامريڊ مير بليدي عبدالستار جوکيو، شڪور ميمڻ، مرتضيٰ ميمڻ، خان صاحب، اللہ بچايو ميمڻ، محمد عيسيٰ ملاح، وڪيل عبدالقادر کٽي، فنڪار استاد الهڏنو جوڻيجو، شوڪت ميمڻ، مرحوم جي فرزندن جهانزيب ملاح، عبدالمالڪ ملاح پڻ خيالن جو اظهار ڪيو.