news
نٸون ديرو

نئون ديرو: صحت مرڪزن ۾ آءِ ايڇ ايس پاران ڀرتي ڪيل اٺ هزار ملازمن جي بيروزگار ٿي وڃڻ خلاف احتجاجي ريلي

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) سنڌ حڪومت پاران آءِ ايڇ ايس حوالي ڪيل سنڌ جا 111 صحت مرڪز صحت کاتي کي واپس ڪرڻ واري جاري ڪيل حڪم بعد ڄاڻايل صحت مرڪزن ۾ آءِ ايڇ ايس پاران ڀرتي ڪيل 8 هزار ملازمن جي بيروزگار ٿي وڃڻ تي آءِ ايڇ ايس جا ملازم گذريل 16 ڏينهن کان پنهنجو روزگار بچائڻ لاءِ مسلسل سراپا احتجاج بڻيل آهن.

آءِ ايڇ ايس پاران لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف صحت مرڪزن تي ڀرتي ڪيل سوين ملازمن نئون ديرو اسپتال ۾ گڏ ٿي راشد سومرو، امداد ڪلهوڙو، ظهير ميراڻي، شوڪت ڀٽو، صغير گهانگهرو، بابر ابڙو، نائلا ڀٽو، رابعا بلال، ام ڪلثوم، فرزانه، شاهدهه مهر، مسرت سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو آهي.

جڏهن ته اسپتالن ۾ مقرر ڪيل ايل ايڇ ويز، نرسز، ميل نرسز، ڊسپينسرن، ڊريسرن، او ٽي ٽڪنيشنن، پرچي ڪلارڪن، ليبارٽري ٽڪنيشنز، ايڪسري ٽيڪنيشنز سميت مختلف عهدن تي ڀرتي ڪيل ٽيڪنيڪل ۽ نان ٽيڪنيڪل مرد توڙي عورت سوين ملازمن نئون ديرو اسپتال کان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ريلي ڪڍي وئي.

جنهن ۾ شامل ملازمن جذباتي انداز ۾ “جينا هوگا مرنا هوگا _ ڌرنا هوگا ڌرنا هوگا، بلاول تنهنجي نگري ۾ انڌير آ انڌير، ڊي جي تنهنجو فيصلو _ نامنظور نامنظور“ جا زوردار نعرا هنيا.

ملازمن جي احتجاجي ريلي جيئن نئون ديرو هائوس جي گيٽ تي پهتي ته گيٽ تي موجود پوليس اهلڪارن هائوس ڏانهن ويندڙ رستن تي رڪاوٽون رکي دروازا بند ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري شديد گرمي ۽ نٽهڻ اس ۾ نئون ديرو هائوس جي مکيه گيٽ آڏو روڊ تي سوين ملازمن 6 ڪلاڪن تائين ڌرڻو جاري رکيو.

هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ملازم اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسپتالن مان آءِ ايڇ ايس جي ملازمن کي ڪڍڻ بعد اسپتالن جي حالت رحم جوڳي بڻجي وئي آهي، جنهن جو تازو مثال نئون ديرو اسپتال جي ايم ايس پاران جاري ڪيل وائيس ميسيج مان ملي ٿو. ڊي جي هيلٿ نادري حڪم جاري ڪري هڪ ئي وقت 8 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي بيروزگار ڪري اسان کي معاشي بدحاليءَ جي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري اسان جا ٻچڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن ۽ اسان ڊپريشن جا مريض بڻجندا پيا وڃون. آءِ ايڇ ايس کي ڀل ٺيڪو واپس نه ڏنو وڃي پر اسپتالن ۾ ميرٽ تي ڀرتي ڪيل ملازم 5 سالن کان مسلسل ڊيوٽي سرانجام ڏيندا پيا اچن انهن جو ڪهڙو قصور آهي، جيڪي ڏينهن رات پنهنجي ڊيوٽي ڪري رهيا هئا، انهن کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي.

سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت آهي ۽ اسين سڀ پارٽيءَ جا ووٽر ۽ سپورٽر رهيا آهيون، اڄ پنهنجا حق گهرڻ لاءِ نئون ديرو هائوس تي پهتا آهيون ته اسان لاءِ دروازا بند ڪيا ويا آهن، اسان پارٽي قيادت کان اهو پڇڻ چاهيون ٿا ته ڇا جڏهن اوهان اسان کان ووٽ گهرڻ ايندا آهيو ته اسان توهان جي لاءِ ايئن دروازا بند ڪري ڇڏيندا آهيون؟ اسان کي پنهنجا دروازا بند ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي. پيپلزپارٽيءَ جو نعرو اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيڻ آهي پر کسڻ ناهي ۽ اڄ پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ۾ اسان کان روزگار کسي اسان کي ٽنهي شين کان محروم ڪيو پيو وڃي، جيڪو وڏو ظلم آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته اسان کان روزگار کسڻ بجاءِ صحت کاتي ۾ ضم ڪري پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ 10 محرم الحرام کانپوءِ اسان ڪراچيءَ ۾ بلاول هائوس آڏو احتجاجي ڌرڻو هڻنداسين.

هوڏانهن 6 ڪلاڪن جي مسلسل ڌرڻي بعد بيحال ٿي ويل ملازمن کان چارٽر آف ڊمانڊ وٺڻ بعد هائوس جي فيڪس مشين ذريعي پارٽي قيادت کي اماڻي مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو ويو.