news
جيڪب آباد

جيڪب آباد جي عدالت چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي رتوديرو واسي ھڪ جوابدار کي اٺ سال قيد جي سزا

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ظھور احمد ھڪڙو جي عدالت 12 ڪلو چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي رتوديرو واسي ھڪ جوابدار خير بخش لھر کي اٺ سال قيد ۽ چاليهه هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

جڏهن ته ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 6 مھينا قيد جي سزا ڀوڳيندو، سزا اچڻ بعد جوابدار کي لاڙڪاڻي جيل منتقل ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ايڪسائيز پوليس ھڪ جنوري 2021 تي قومي شاهراهه تي زرعي ڪاليج وٽ موٽرسائيڪل کي بيھاري تلاشي دوران 12 ڪلو چرس هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ھو.