news
نٸون ديرو

پوري ملڪ جيان نئون ديرو ۾ جشن آزاديءَ جو ڏينهن ملهايو ويو

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) 14 آگسٽ جشن آزاديءَ جو ڏينهن پوري ملڪ جيان شهيدن جي شهر نئون ديرو ۾ به محرم الحرام جي مهيني سبب عقيدت، احترام ۽ سادگيءَ سان ملهايو پيو وڃي.

ملڪ جي 74 هين آزاديءَ جي ڏهاڙي تي نئون ديرو شهر جي مختلف هنڌن تي پاڪستان جي سبز حلالي پرچم، بيجن، ٽي شرٽس، سائي ۽ اچي رنگ جون پڳڙيون، مفلر ۽ ٻيا ڪيترائي سامان رکيا ويا آهن، جتي شهر توڙي ڀرپاسي جي علائقن کان ايندڙ ماڻهو بيج ۽ پرچم خريد ڪري پنهنجي سيني تي سجائي آزاديءَ جي جشن کي ڀرپور نموني ملهايو ويو.

جڏهن ته قائم ڪيل مختلف اسٽالن تي هر عمر جو ماڻهو پڪو توڙي پوڙهو ۽ ننڍا ٻارن جي رش لڳل آهي ۽ اهي آزاديءَ جو جشن ملهائڻ لاءِ پر عزم آهن.

نئون ديرو شهر جي ميونسپل ڪاميٽي ۾ قومي پرچم ڪشائي تقريب ٿي، جنهن ۾ پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳواڻ اعجازاحمد لغاري، سي ايم او حافظ مشتاق احمد ڪوريجو، پ پ اڳواڻ خالد ميمڻ، لالا نظر پٺاڻ، انور ٻرڙو، مشتاق سومرو، منظور خاصخيلي، بشير ڀٽو، محمد عيسيٰ کهڙو، در محمد ميراڻي سميت ٻين شرڪت ڪئي.

صبح سوير پاڪستان جو قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو، جنهن بعد مٺائي ورهائي هڪٻئي کي پاڪستاني پرچم جا بيج لڳائي جشن آزادي تقريب ملهائي وئي.

جڏهن ته ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اڄ اسان 74 هين آزاديءَ جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون ۽ اسان کي خوشي آهي ته اسان هڪ آزاد ملڪ ۾ آزاديءَ سان رهون ٿا، قائد اعظم محمد علي جناح جي اڳواڻيءَ ۾ اسان جي وڏڙن هن ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جانين جون قربانيون ڏنيون ۽ ملڪ جي بقا لاءِ پاڪ فوج سميت قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ملڪ تي جان نثار ڪري هميشه لاءِ عظيم بڻجي ويا.

ان کان علاوهه گورنمينٽ بوائز، گرلز هاير سيڪنڊري اسڪولن، گرلز، بوائز هاءِ اسڪولن، گرلز، بوائز ڊگري ڪاليجن، خانبهادر احمد خان ميموريل لائبريري ۾ ايس او پيز تحت سادگيءَ سان جشن آزاديءَ جون ڌار ڌار تقريبون ملهايون ويون، جتي پاڪستان جي 74 هين جشن آزاديءَ جا ڪيڪ پڻ ڪاٽيا ويا.