گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ۾ جشن آزاديءَ جو ڏهاڙو ملهايو ويو

news

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ۾ جشن آزاديءَ جو ڏهاڙو ملهايو ويو.

14 آگسٽ جي موقعي تي ھيڊ ماستر محترم نثار احمد سولنگي جي اڳواڻيءَ ۾ علي محمد پٺاڻ، عقيل احمد جوڻيجو، عبدالغفور زهراڻي، عبدالجبار ساريو، مظهر الدين سومرو، سيد افتخار علي شاهه، واسديو چاندواني، محمود علي، غلام مرتضيٰ، شڪيل احمد، رحمت الله، عبدالمنعم، ذاڪر علي سومرو، قاضي الله بخش، اقبال علي جوڻيجو، اعجاز علي ساريو، اعجاز علي سوھو، محمد ياسين، احمد علي سومرو، عامر حسين ميراڻي، حافظ علي حسن، الطاف حسين، امجد علي منگي، قاضي راشد رحمان، آغا نويد سميجو، راشد علي چنا، رحيم بخش جوڻيجو، محمد وريل جوڻيجو، محمد حيات سومرو، محمد سليمان خاصخيلي ۽ ٻين استادن روينيو عملدارن سائين بخش ڪولاچي، امداد علي ٻگهيو، امان الله کوکر، زبير احمد جتوئي، محمد بچل اعواڻ، عبدالخالق، غلام رباني سميجو، منير احمد ميمڻ، علي اڪبر، ديدار علي ابڙو، محمد صفر، عبداللہ ميراڻي، مولا بخش چنو ۽ راشد حسين ميراڻيءَ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائي ۽ سلامي پيش ڪئي.

جنهن بعد جشن آزاديءَ جي خوشيءَ ۾ مٺائي ورھائي وئي. ھن پر وقار تقريب جي موقعي تي ھيڊ ماستر محترم نثار احمد سولنگيءَ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ دنيا ۾ آزاديءَ کان وڌيڪ ڪابه نعمت نٿي ٿي سگهي، اسان خوش نصيب آهيون، جيڪي صدين جي تاريخ ۽ ثقافت رکندڙ قوم جي حيثيت سان سڄي دنيا ۾ ڄاتا سڃاتا وڃون ٿا.

هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڌرتيءَ ڏانهن ڪوبه دشمن ميري اک کڻي ڏسي نٿو سگهي، تقريب کي اسسٽنٽ مختيار ڪار سائين بخش ڪولاچي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.