ضلعي انتظاميه بدين طرفان ملڪ جو چوهتر هون قومي جوش جذبي سان ملهايو ويو

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ ملڪ جي ٻين حصن جيان بدين ۾ پڻ ملڪ جو 74 هون آزادي جو سال قومي جوش جذبي سان ملهايو ويو.

هوڏانهن ضلعي انتظاميه طرفان جيم خانه هال تقريب ٿي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر آغا شاهنواز خان ايس ايس ملڪ جو جهنڊو ڦڙڪائي تقريب جو آغاز ڪيو، جڏهن ته پوليس جي دستي جهنڊي کي سلامي ڏني.

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر آغا شاهنواز خان چيو ته هڪ آزاد ملڪ جي شهري جي حيثيت سان اسان سڀني جو فرض آهي ته ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ 18 سال ۽ ان کان مٿي هر شهري کي ڪورونا جي لازمي ويڪسين ڪرايون سماجي مفاصلي سان گڏ ماسڪ لازمي پايون.

ان موقعي تي زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن کي ايوارڊ ڏنا ويا، جنهن سينئر صحافي مرحوم الهرکيو نعيم ملاح مرحوم محمد حنيف زئي جن جا ايوارڊ سندن فرزندن جهانزيب ملاح اعجاز زئي وصول ڪيا، جڏهن ته پريس ڪلب جي صدر تنوير احمد آرائين، جنرل سيڪريٽري حميد سومرو، ايوان صحافت جي صدر حاجي خالد محمود گهمڻ، جنرل سيڪريٽري شفيع محمد جوڻيجو، تعليمي ماهر پروفيسر طفيل احمد چانڊيو، ماتلي اسپتال جي ايم ايس گلاب ڪشميري، ٿيلسميا ڪيئر سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر هارون ميمڻ، اي سي ماتلي مس زارا زاهد چيمبر آف ڪامرس جي صدر علي اڪبر ميمڻ 206 برگيڊ بدين جي ڪمانڊر برگيڊيئر سلمان نظير پاڪ رينجرز 32 ونگ جي ڪمانڊر ڪرنل شاهد ستي ڊي سي آفيس جي سپريڊنٽ علي نواز جمالي ميونسپل ڪميٽي جي سينٽري انسپيڪٽر ڪرشن ڪورونا وائرس خلاف فرنٽ لائن ورڪرز هيلٿ کاتي جي ڊاڪٽرن پيرا ميڊيڪل عملي ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي به ايوارڊ سان نوازيو ويو.

جڏهن ته تقريب جي آخر ۾ ڊي سي ۽ ٻين طرفان وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪندي 2 هزار کان وڌيڪ ٻوٽا پڻ پوکيا ويا.