news
شهدادپور

سينئر صحافي غلام قادر شر تي بااثر وڏيرن جي پٽن ۽ ڇاڙتن طرفان ڪيل حملي خلاف قلم ڌڻين جو احتجاج

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) ورڪشاپ جي سينئر صحافي غلام قادر شر تي وڏيرن جي پٽن ۽ ڇاڙتن طرفان ڪيل حملي خلاف پاڪستان جي آزادي واري ڏينهن به صحافي اتحاد تعلقه شهدادپور جي طرفان صحافي اتحاد سانگھڙ ۽ شھدادپورجي عهديدارن ۽ پريس ڪلب شھدادپور جي صحافين ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.

صحافي اتحاد تعلقه شھدادپور جي صدر قاسم ڪلوئي، صدر پريس ڪلب ارشاد بخاري، غلام عباس ساند، قمر ملڪ مهدي، حسن پنهورانجم ٻگھيو، نياز جاني ڊاڪٽر جي ايم غوري شيد مگسي، فقير محمد چانڊيو، اسلم آزاد خاصخيلي، عبدالحميد کوسو، عمران قمر ملڪ رائو، محمد يوسف سميت صحافين ورڪشاپ جي مقامي صحافي غلام قادر شر تي باثر وڏيري طرفانپٽن ۽ ڇاڙتن کان قاتلاڻه حملو ڪرائي سخت زخمي ڪرڻ خلاف  ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پريس ڪلب شھدادپور آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي صحافي اتحاد سانگھڙ ۽ شھدادپور جي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته ورڪشاپ جي ظالم ڀوتار ڪمال شر  سندس پٽن حق سچ جي آواز غلام قادر شر جهڙي صحافي جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حق ۽ سچ لکندڙ صحافين کي ٽارگيٽ ڪري مارڻ جي گھري سازش ڪئي پئي وڃي، جنهن جي پٺ ڀرائي ايس ايس پي سانگھڙ ڪري رهيو آھي. صحافي غلام قادر شر تي ٿيل قاتلاڻي حملي جا جوابدار فورن گرفتار ڪرائي صحافي تي حملو ڪندڙ ڪمال الدين شر ۽ سندس پٽن تي ايف آءِ آر درج ڪري کين گرفتار ڪري صحافين ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

ھنن وڌيڪ چيو ته جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وسيح ڪيو ويندو، صحافين جي ھنگامي اجلاس ۾ صحافي غلام قادر شر جي صحتيابي لاءِ دعا گھري وئي.