news
ڏوڪري

ڏوڪري: ارباب غلام رحيم علي آباد ۾ عادل الطاف خان انڙ سان ملاقات ڪئي

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) وزيراعظم عمران خان جو صلاحڪار ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم علي آباد امد علي آباد پهچڻ تي عادل الطاف خان انڙ پاران آجيان ڪئي.

جنهن بعد وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ارباب غلام رحيم خان ۽ عادل الطاف حسين انڙ سان انڙ ھائوس علي آباد ۾ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

ان موقعي تي ارباب غلام رحيم پاران چيو ته اوهان سان منهنجو پنهنجائپ جو رشتو آهي ۽ مان وزيراعظم عمران خان  جي حڪم تي پي ٽي آءِ جي دعوت کڻي پهتو آهيان، اوهان قبول ڪيو.

ان موقعي تي عادل خان انڙ سندس جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته مان پنهنجي ساٿين، دوستن ۽ ورڪرن سان صلاح مشورو ڪري پوءِ اوهان سان ملنداسين.