news
شهدادپور

صحافي غلام قادر شر جي مٿان قاتلاڻي حملي ۾ مک جوابدار جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) سانگھڙ صحافي اتحاد جي سڏ تي سانگھڙ پريس ڪلب کان سوين صحافين، شهري تنظيمن، چيمبر آف ڪامرس، سٽيزن ايڪشن ڪميٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي ورڪرز پارٽي، انساني حقن جي تنظيمن جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو.

هوڏانهن خطاب ڪندي انجم آفتاب نظاماڻي، ذولفقار خاصخيلي، يونس راڄپر، الياس انجم، رضا خان، مصطفيٰ ترين، ميرحسن مري، حاجي يامين قريشي، سارنگ وساڻ، صغير راجپوت، علي اڪبر جوڻيجو، راجا رشيد ڪنڀر، مجيد مڱريو، اعجاز ڪيريو، خدا ڏنو ڪاڇائي، ساحل مهر، علي ڏنو خاصخيلي، سميع ميمڻ، غلام عباس ساند، رشيد مگسي، عبداللہ پہنور، غفار نظاماني، علي تهيم، جبار جوڻيجي، گل محمد سولنگي، شبيران جمالي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته صحافي غلام قادر شر تي قاتلاڻو حملو ڪري کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ کڻڻ وقت کيس کڻڻ به نه پئي ڏنو ويو. اها سڌي سنئين دهشتگردي آهي. ان جي باوجود داخل ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جا قلم لاڳو نه پيا ڪيا وڃن. وڏيري ڪمال الدين شر کي گرفتار نه ڪيو ويو، ان کي کلي ڇوٽ ڏني وئي ته هن ضمانت ڪرائي ورتي، پوليس جو هن وقت رويو انتهائي ڌر بڻجڻ وارو نظر اچي رهيو آهي.

هنن اهو به مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او جمن کوسو کي معطل ڪيو وڃي.

هنن گھر ڪندي چيو ته غلام قادر شر جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرايو وڃي.

ان موقعي تي صحافين اهو اعلان ڪيو ته سڄي ضلعي ۾ پوليس جي ڪنهن به ايونٽ جي پريس پڌرائي جي ڪوريج نه ڪئي ويندي. جڏهن اسان جو صحافي موت ۽ زندگي جي ٻه واٽي تي بيٺو آهي، سڄي سنڌ جا صحافي سراپا احتجاج آهن، ان باوجود پوليس روايتي طريقي سان وڏيري کي رليف ڏيارڻ ۾ رڌل آهي.

هنن چيو ته محرم جي ڏهين تاريخ کان پوءِ ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.