news
بدين

بدين: ٽنڊوباگو ڀرسان ڪمند جي فصل ۾ داخل ٿيڻ تان ڪمدار جو معصوم ٻارڙن تي وحشياڻو تشدد

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) ٽنڊوباگو ڀرسان ڏيئي ٿاڻي جي حد ڳوٺ امير بخش خاصخيلي ۾ زميندار اڪبر جي ڪمدار غلام رسول عرف فوجي خاصخيلي مبينا طور تي ڪمند جي فصل ۾ داخل ٿيڻ جو الزام هڻي 7 سالن جي معصوم ٻارڙن رمضان پٽ سڪندر خاصخيلي ۽ غلام مصطفيٰ پٽ عبدالله خاصخيلي کي اغوا ڪري پنهنجي اوطاق تي کٽ ۾ رسن سان ٻڌي سخت تشدد جو نشانو بڻائي واقعي جي وڊيو پڻ رڪارڊ ڪئي.

معصوم ٻارڙن جي وارثن موجب جو اطلاع ڏيئي ٿاڻي تي پڻ ڪيو پر پوليس جوابدار کي ڪجھ ڪلاڪ ٿاڻي تي ويهارڻ بعد ڇڏي ڏنو، جنهن بعد معصوم ٻارڙن جا وارث ۽ متاثر ٻارڙا انصاف لاءِ ايس ايس پي آفيس پڻ پهتا پر ڪمپلين سيل جي عملدارن رسمي طرح درخواست وصول ڪري کين روانو ڪري ڇڏيو.

جڏهن معصوم ٻارڙن تي تشدد جي وڊيو سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي وئي، جنهن بعد سوشل ميڊيا جي واهپيدار طرفان واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته ايس پي شبير احمد سيٺار کان گهر ڪئي وئي آهي ته جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ٻي طرف ايس پي جي ترجمان عزيز منڌرو موجب ايس ايس پي واقعي جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي ۽ حد جي ٿاڻي کي جوابدار جي گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي.