سانگهڙ جي صحافي مٿان قاتلاڻي حملي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) ڊسٽرڪٽ يونين آف جرنلسٽ پريس ڪلب جيڪب آباد جي صدر محمد نواز سولنگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪڍيو ويو.

مظاهري ۾ بابو حيدر مگسي، مصطفيٰ علي خان، عبدالغني کوسو، عبدالنبي مگسي، زين سرڪي، زاھد کرل سميت ٻين شرڪت ڪئي، صحافين بدمست وڏيري ڪمال الدين شر جي گرفتاري لاءِ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر محمد نواز سولنگي خطاب ڪندي چيو ته ھر دور ۾ وڏيرا صحافين کي ھيسائڻ لاءِ اھڙا ھربا استعمال ڪندا آهن. وڏيرڪي سوچ رکندڙ ھر وقت اھو چاھيندا آھن ته صحافين جي قلم کي پنهنجو غلام بڻايون.

جڏهن ته بابو حيدر مگسي خطاب ڪندي چيو ته صحافي غلام قادر شر تي تشدد جو مذمت ڪيون ٿا، سنڌ حڪومت صحافي جي قاتلاڻي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏي.

جڏهن ته عبدالنبي مگسي خطاب ڪندي چيو ته صحافين تي ھر دور ۾ حملا ٿيا آهن، وڏيرن کي پوليس جو آشيرواڌ آهي.

صحافين آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کان مطالبو ڪيو ته صحافي غلام قادر شر جي حملي واري ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا وڃن، بدمست وڏيري ڪمال الدين شر کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.