news
ڏوڪري

ڏوڪري ڀرسان جتن جي لاڙي وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، ٻه ڄڻا زخمي

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) ڏوڪري ڀرسان جتن جي لاڙي وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا، زخمين کي ترت علاج لاءِ ڏوڪري اسپتال آندو ويو، زخمين ۾ 2 ڄڻا ڳوٺ دڙا جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن.

جڏهن ته هڪ ڄڻو ڳوٺ بخش جتوئي جو رهواسي 35 سالا نوجوان حاجي خان جتوئي زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

هوڏانهن لاش پهچڻ تي گهرام ۾ قهرام متل آهي. جڏهن ته پوري علائقي ۾ سوڳ واري لهر ڇانئجي وئي.