news
جيڪب آباد

جيڪب آباد ويجهو ڪار تيز رفتاري سبب وڻ سان ٽڪرائجي ويو، ھڪ نوجوان فوت، ٽي ڄڻا زخمي

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي پير مسافر وٽ تيز رفتاري سبب ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وڻ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار فيملي لائن جا رهواسي اسحاق گهنڃو، شوڪت علي، شاهزيب علي ۽ امتياز علي گھنڃو سخت زخمي ٿي پيا، جنهن کي رستي وارن کڻائي سول اسپتال پهچايو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي.

جڏهن ته شاھزيب گھنڃو جي حالت ڳڻتي جوڳي سبب سکر منتقل ڪيو ويو ته ھو رستي ۾ زخمن جا سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن جو مڙھه کڻائي وارث گھر پھتا ته گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو.

ٻڌايو پيو وڃي ته ڪار سوار سکر کان جيڪب آباد اچي رھيا ھئا ته حادثو پيش آيو آهي.