news
نٸون ديرو

نئون ديرو لڳ قتل ڪيل پيرسن عورت جا قاتل پوليس گرفتار نه ڪري سگهي، احتجاج

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ فيض محمد جيهو ۾ جيها برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ سرڪاري مڇيءَ جي تلاءَ تان مڇي مارڻ جي ڳالهه تي هلندڙ تڪرار تان قتل ٿي ويل پيرسن عورت مسمات شاهنواز خاتون جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف مقتولا جي ڌيءَ عطاءِ خاتون، مائي زرينا خاتون، شاهين خاتون، پٽ قربان جيهو ۽ محمود جيهو نئون ديرو پهچي احتجاج ڪيو آهي.

جڏهن ته دانهون ڪندي هنن جو چوڻ هو ته واقعي کي مهينو گذري ويو آهي پر هن وقت تائين قتل ڪيس ۾ نامزد فقط ٻن جوابدارن گلڻ ۽ شفيق کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن مک جوابدار مولا بخش، عبدالله عرف شهزادو ۽ زاهد سميت 2 اڻسڃاتلن کي پوليس هن وقت تائين گرفتار ناهي ڪيو، جنهن ڪري جوابدارن اسان جو جيئڻ عذاب بڻائي ڇڏيو آهي.

هنن الزام هڻندي چيو ته جوابدار ڌر بااثر هجڻ ڪري پوليس انهن خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ڪري جنهن ڪري جوابدار ڌر اسان جي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري اسان پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ مسافرن جيان زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. ڳوٺ ۾ سرڪاري روڊن رستن کي به اسان جي گذرڻ کان بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ وڌيڪ نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ رستا روڪ ڪئي پئي وڃي، ڳوٺ ۾ فقط هنن جو ڪارو قانون هلي رهيو آهي ۽ پوليس جي رٽ ڪٿي نظر ئي نٿي اچي. پوليس اسان جي مقتولا امڙ جي قتل ڪيس مان مٿي ڄاڻايل جوابدارن جا نالا رشوت وٺي خارج ڪرڻ جون سازشون ڪري اسان جي امڙ جو خون لوڙهڻ چاهي ٿي، جيڪو اسان ڪڏهن به ٿيڻ نه ڏينداسين.

هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، وزير اعظم عمران خان، پ پ چيئرمين ۽ پوليس جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مقتولا امڙ جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.