news
ڏوڪري

عمران خان نيازي ۽ سندس ايجنٽ سچ ٻڌڻ کان ڊڄن ٿا: شازيه مري

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري چيو آهي ته تباهي سرڪار پي ايم ڊي اي ذريعي پنهنجن ڏوهن مٿان پڙدو وجھڻ چاهي ٿي ۽ عمران خان پنھنجا سمورا شيرو پي ڊي ايم ۾ ڀرتي ڪري چڪو آهي. شازيه مري چيو ته عمران خان نيازي ۽ سندس ايجنٽ سچ ٻڌڻ کان ڊڄن ٿا.

اھڙين ڳالهين جو اظهار اڄ ھن پنهنجي ھڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي.

شازيه مري چيو ته عمران خان سمجهي ٿو ته سچ صرف اھو آھي، جيڪو ھو پاڻ ڳالھائي ٿو.

ھن وڌيڪ چيو ته وفاقي وزير اطلاعات ميڊيا يونينز بابت ڪوڙ ڳالهائي پنهنجي پاڻ کي وائکو ڪيو آهي، جڏهن ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد پرنٽ ميڊيا کي ڪاغذ جي ڪوٽا کان نجات ڏياريو.

شازيا مري چيو ته موجوده نااھل حڪومت خود جعلي خبرن جي پيداوار آهي ۽ سلام آھي، انھن عظيم صحافين کي جن ڪوڙا سھندي صحافت جي آزاديءَ جو جھنڊو بلند رکيو.

ھن چيو پاڪستان پيپلزپارٽي جرنلسٽس ويج ايوارڊ جي حق کي پنهنجو اصول سمجهي ٿي.