news
ڏوڪري

شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونورسٽيءَ لاڙڪاڻو ايم فل جي ڊگريءَ لاءِ اين او سي جاري

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونورسٽيءَ لاڙڪاڻو 2008 ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان ايڪٽ پاس ٿيڻ کان پوءِ وجود ۾ آئي ۽ باضابطه طور يونيورسٽيءَ جو پهريون وائيس چانسلر 2009 ۾ مقرر ٿيو، جڏهن ته موجوده وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلا عطاالرحمان سيپٽمبر 2018 ۾ مقرر ٿي ۽ سموري وچين عرصي ۾ ڪڏهن به اها ڪوشش نه ورتي وئي ته يونيورسٽيءَ کي پوسٽ گريجوئيشن (ايم ايس، ايم فل يا پي ايڇ ڊي) لاءِ پاڻ ڀرو ڪجي، جڏهن ته يونيورسٽيءَ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلا عطاالرحمان جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ ذاتي دلچسپيءَ جي نتيجي ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان يونورسٽيءَ کي ايم فل جي ڊگريءَ لاءِ اين او سي جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب هاڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونورسٽيءَ لاڙڪاڻو باضابطه طور بائيو ڪيمسٽري ۽ مائڪرو بائيولاجي ۾ ايم فل جي ڊگري ڏئي سگهندي.

ٻئي پاسي اميد آهي ته پبلڪ هيلٿ جي ايم ايس پڻ يونيورسٽيءَ ۾ جلد شروع ڪئي ويندي، جنهنجا مستقبل ۾ ڏور رس، ديرپا نتيجا نڪرندا، هڪ طرف شاگردن کي اعليٰ تعليم جا موقعا ميسر ٿيندا ته ٻئي طرف يونيورسٽيءَ ۾ فيڪلٽي جي کوٽ پڻ ختم ٿيندي.

وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلا عطاالرحمان  انحوالي سان چيو ته ڪنهن به يونيورسٽيءَ جو اصل ڪم تحقيق هوندو آهي، اسان هر حوالي سان تحقيق کي فروغ ڏنو آهي ۽ اسان جي اها پهرين ترجيح هوندي ته اسان جي يونيورسٽيءَ جا شاگرد شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونورسٽيءَ لاڙڪاڻو جي ڇٽيءَ هيٺ عالمي معيار جي تعليم حاصل ڪري سگهن، ڪوشش ڪئي آهي ته يونيورسٽيءَ جو شمار عالمي معيار جي يونيورسٽيءَ ۾ شمار ٿي ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان يونورسٽيءَ کي ايم فل جي ڊگريءَ لاءِ اين او سي جاري ٿيڻ وڏي پيش رفت آهي ۽ اهو عمل تحقيق جي ميدان ۾ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو ۽ طبي سائنس جي ميدان ۾ جديد لاڙا متعارف ٿيندا.

هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته اسان جي يونيورسٽي ٻين موضمونن تي پڻ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پڻ ڪرائي جنهن لاءَ اسان هائير ايجوڪيشن ڪميشن سان رابطي ۾ آهيون ۽ اميد آهي ته اسان ان ڏس ۾ پڻ پاڻ ڀرا ٿينداسين ۽ ان سان تحقيق کي هٿي ملندي.

اهڙو بيان شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونورسٽي لاڙڪاڻو جي پريس ترجمان طرفان جاري ڪيو ويو.