پي ڊي ايم جي بنياد رکندڙ پيپلزپارٽي آهي: اعجاز حسين جکراڻي

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) وڏي وزير سنڌ جي جيلن بابت صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جيڪب آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پي ڊي ايم جي بنياد رکندڙ پيپلزپارٽي آهي ۽ شوڪاز به بلاول ڀٽو زرداري کي ڏنو ويو آهي، پيپلزپارٽي ملڪ جي وڏي پارٽي آهي، اسان چاهيون ٿا ته اپوزيشن ايوان ۽ ٻاھر حڪومت خلاف گڏيل جدوجهد ڪري.

ھن چيو ته ملڪ ۾ لاقانونيت وڌي وئي آهي، جنهن سبب عورتن سان لاھور جھڙا واقعا پيش اچي رهيا آهن پر وفاقي وزير عورتن کي تحفظ ڏيڻ بجاءِ عجيب بيان ڏئي رهيا آهن، پيپلزپارٽي ھر دور ۾ ماڻھن کي روزگار ڏنو آهي، پيپلزپارٽي جي دور ۾ ڀرتي ۾ ٿيل 16 ھزار کان مٿي ملازمن کي فارغ نه ڪيو وڃي ڇو ته انهن ۾ اڪثريت سنڌين جي آهي اڳي سنڌي ماڻهو احساس محرومي شڪار آهن، سپريم ڪورٽ کي ملازمن کي برطرف ڪرڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.

ھن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ جيلن جي حالت بهتر آهي، اڃان وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ ڪوشان آهيون.

ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته جيلن ۾ قيدين جي گنجائش وڌيڪ ھئڻ سبب ملير، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، قمبر، شهدادڪوٽ ۽ لانڍي ۾ نوان جيل تعمير ڪيا وڃن ٿا.

ھن وڌيڪ چيو ته ارسا پاڻي جي ورڇ ۾ سنڌ سان زيادتي ڪري رهي آهي، جيڪڏھن سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه مليو ته سنڌ جون ھزارين ايڪڙ زمينو بنجر بڻجي وينديون، ارسا جي پاڻي واري ورڇ جي صورتحال ساڳئي رهي ته اڳتي ھلي بلوچستان کي پاڻي نه ملي سگهندو.

ھن وڌيڪ چيو ته عوام کي نئين پاڪستان جي لولي پاپ ڏيکارڻ وارن عوام کي مھانگائي جي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي، ٽن سالن جي حڪومتي ڪارڪردگي ڏسجي ته وزيراعظم کان وٺي وزيرن سواءِ ڪوڙ کان ڪجهه ناهي ڪيو، اسان کي پنهنجو پراڻو پاڪستان واپس ڏنو وڃي.

ان موقعي تي پيپلزپارٽي ايم پي اي ممتاز جکراڻي، غازي زبير جکراڻي، رحمت الله کوسو ۽ ٻيا موجود ھئا.