news
شهدادپور

شهدادپور: تعليم دشمني نامنظور، اسڪول کوليو ٻارن جو مستقبل بچايو، استادن ۽ شاگردن جو احتجاج

شهدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شهدادپور ۾ گسٽا مهيسر گروپ طرفان لطيف پارڪ کان شهدادپور پريس ڪلب تائين استادن ۽ شاگردن احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

جڏهن ته گسٽا مهيسر گروپ تعلقه شهدادپور جي صدر خالد ظهور بيگ، علي اصغر ڪاڪيپوٽو، اقبال احمد انڙ، عبدالعزيز لغاري، سپلا جي عبدالجبار آرائين سميت ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت هٿ وٺي تعليم کي تباهي ڏانهن ڌڪي رهي آهي.

هنن چيو ته ڪورونا وائرس جي آڙ ۾ تعليم کي تباهه ڪري مستقبل جي معمارن کي تعليم کان محروم ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته فوري طور اسڪول کولي ايس او پيز تي عمل ڪرائي ايندڙ نسل جو مستقبل بچايو وڃي.