news
نٸون ديرو

نئون ديرو ۾ ذاتي تڪرار تان هٿياربندن جو ڪرياني جي دڪاندار مٿان قاتلاڻو حملو، فائرنگ، هڪ ڄڻو زخمي

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) ، نئون ديرو شهر جي اسٽيشن روڊ سان باب ذوالفقار وٽ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 هٿياربندن ڪرياني جي دڪاندار مٿان قاتلاڻو حملو ڪندي سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ دڪان تي ويٺل نوجوان رانجهڻ جت گوليون لڳڻ ڪري شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي موجود ماڻهن هٿن تي کڻي موٽرسائيڪل تي ويهاري نئون ديرو اسپتال پهچايو، جتي کيس طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد حالت کيس وڌيڪ علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي نيو ويو. جتي سندس حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.

جڏهن ته اهڙي واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي واقعي جا تفصيل معلوم ڪرڻ بعد واپس رواني ٿي وئي. واقعي بابت موجود اکين ڏٺن شاهدن سعيد جت ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 هٿياربندن دڪاندار مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ دڪاندار رانجهڻ جت زخمي ٿي پيو، جنهن دوران دڪان تي موجود پورهيتن هٿياربندن جي فائرنگ جي جواب ۾ سروٽا اڇلائي هنيا، جيڪي هنن کي لڳا پر هو فائرنگ ڪندا آسانيءَ سان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي نئون ديرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالوهاب مسڻ ٻڌايو ته واقعو ذاتي تڪرار تان پيش آيو آهي. مامري جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، جيڪو به ملوث هوندو انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

ٻئي پاسي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڊي ايس پي نئون ديرو غلام مرتضيٰ ميراڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ نئون ديرو، رشيد وڳڻ ۽ رحمت پور ٿاڻن جي پوليس لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ ميرجت تي چڙهائي ڪئي پر پوليس جي پهچڻ کان اڳ ئي جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي چڪا هئا.

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو ۽ نه ئي ڪنهن جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.