news
جيڪب آباد

جيڪب آباد: پوليس جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي قائداعظم روڊ تي ڳوٺاڻن ممتاز علي، محمد ابراهيم  گھرن کي باهه ڏئي، ساڙڻ واري ڪيس ۾ گهربل جوابدار گل محمد ڪٽوھر کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، حد جي پوليس پاران پڪڙيل جوابدار کي ڏيتي ليتي جي عيوض آزاد ڪرڻ جي ڪوشش تي ڳوٺاڻا سٽي ٿاڻي آڏو پھچي احتجاج ڪيو.

جڏهن ته ڳوٺاڻن جي احتجاج جي ڪوريج لاءِ پھتل ميڊيا وارن کي ايس ايڇ او جي گارڊ ڪوريج ڪرڻ کان روڪي ورتو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن ممتاز علي ۽ محمد ابراهيم دانھيندي چيو آهي ته دلمراد ٿاڻي تي جوابدار گل محمد ڪٽوھر تي اسان جي گهرن کي باهه ڏئي ساڙڻ جو ڪيس داخل ٿيل آهي، جوابدار ڏوھارين قسم جو ماڻهو آهي، بلوچستان جي صحبتپور ۽ منگلولي جي علائقن ۾ سنگين ڪيسن ۾ گهربل آهي پر پوليس جوابدار کي رشوت عيوض آزاد ڪرڻ چاهي ٿي.

ھنن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته پڪڙيل جوابدار کي آزاد نه ڪيو وڃي.

ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سٽي قمردين تنيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳوٺاڻا پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا انهن کي پوليس ٿاڻي تي وٺي آئي ته گل محمد ڪٽوھر جو دلمراد ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ ضمانت ٿيل آهي پر بلوچستان ۾ ڪيس ظاھر ٿيا ته بلوچستان پوليس حوالي ڪيو ويندو.