news
نٸون ديرو

نئون ديرو ۾ آءِ ايڇ ايس ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) صحت کاتي پاران سنڌ ۾ آءِ ايڇ ايس حوالي ڪيل سمورا رورل هيلٿ سينٽر واپس صحت کاتي حوالي ڪرڻ واري حڪم بعد آءِ ايڇ ايس پاران اسپتالن ۾ ڀرتي ڪيل ملازم بيروزگار ٿي وڃڻ بعد مسلسل مهيني کان سراپا احتجاج بڻيل آهن. آءِ ايڇ ايس ضلعي لاڙڪاڻي جي ملازمن نئون ديرو هائوس ٻاهران پوليس چوڪيءَ وٽ روڊ تي نٽهڻ اس ۾ احتجاجي ڌرڻو هڻي بحاليءَ لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي قرآن خواني ڪندي انوکو احتجاج ڪيو.

احتجاج ۾ شامل راشد سومرو، امداد عباسي، شوڪت ڀٽو، ظهير ميراڻي، بابر ابڙو، عامر ڪلهوڙو، رياض ڀرچونڊ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ آءِ ايڇ ايس اڃان تائين ڪم ڪري رهي آهي، فقط لاڙڪاڻي ضلعي مان آءِ ايڇ ايس کي ختم ڪري ضلعي جي 850 ملازمن کي بلا جواز بيروزگار ڪيو ويو آهي. اسان مسلسل 5 سالن تائين اسپتالن ۾ ڊيوٽي ڪري عوام جي خدمت ڪئي ۽ اسپتالن جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بڻايو پر ان جي انعام طور اسان کي بيروزگار بڻائي گهرن جا چلها اجهائي ٻچڙن کي بک، بدحاليءَ جي ور چاڙهيو ويو آهي.
هنن جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي هميشه روزگار ڏنو آهي، کسيو ناهي، اسان چاهيون ٿا ته اسان کي روزگار تي بحال ڪري ٻچڙن جي وات تان کسيل گرهه واپس ڪيو وڃي. هنن جو چوڻ هو ته سان اهو نٿا چاهيون ته آءِ ايڇ ايس کي بحال ڪيو وڃي، اسان جو مطالبو آهي ته برطرف ٿيندڙ ملازمن کي صحت کاتي ۾ ضم ڪري ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ئي روزگار فراهم ڪري پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.