news
ڏوڪري

ڏوڪري ڀرسان پاڻي کوٽ خلاف جي يو آءِ ۽ مختلف تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) ڏوڪري ڀرسان پاڻي کوٽ خلاف جي يو آءِ ۽ مختلف تنظيمن پاران وڪڙو باءِ پاس وٽان موهن جو دڙو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري جي يو آءِ امير محمد عثمان جهتيال، مفتي نصير احمد ڀٽو ۽ مظهر علي ٻگھيو جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪن هٿن ۾ جهنڊا ۽ سڪل ٻيجارو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو آهي، جنهن سبب ٻنهي طرفن کان ٽرانسپورٽ بيهجي وئي ۽ ايندڙ ويندڙ مسافر سخت پريشان ٿا.

ان سلسلي ۾ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته ايريگيشن کاتي جا ملازم هٿ وٺي ڏوڪري تعلقي جي 10 کان مٿي شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ڪري هزارين ايڪڙ زمين ساريالي فصل ٿيڻ کان رهجي وئي آهي، جنهن ڪري آبادگار هاري پريشاني جو شڪار آهن.

هنن چيو ته ڪاراڻي ٽاٽڙي ريگيوليٽر تي هزارين زمينن ۾ رونبو نه ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري زمينون بنجر بڻجي ويو آهن، ان سلسلي ۾ هنن چتاءُ ڏنو ته جيستائين پاڻي نه ڏنو ويندو احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو.

ٻئي پاسي ايس ايڇ او ايئرپورٽ لياقت کجڙ ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڌرڻي وارن سان ڳالهيون ڪيون پر ڌرڻي وارن ڳالهيون مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڌرڻو جاري آهي.

هوڏانهن ايريگيشن ايس ڊي او رياض عباسي سان رابطو ڪرڻ تي فون اٽينڊ نه ڪيو. جڏهن ته خبر موڪلڻ تائين احتجاجي مظاهرو ڌرڻو جاري آهي.

جڏهن ته جمعيت علماءاسلام ضلعي لاڙڪاڻي جي قيادت ناصر محمود سومرو ۽ محبت کهڙو جو ايريگيشن جي ضلعي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد پاڻي شاخن ۾ پورو ڏيڻ کان پوءِ احتجاجي مظاهرو ڌرڻو ختم ڪيو ويو.