سنڌ يونائٽيڊ پارٽي طرفان ڀريا ٽائون جي اسير سيد زين شاهه جو ڄامشورو ۾ استقبال ڪيو ويو

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) سنڌ يونائٽيڊ پارٽي طرفان ڀريا ٽائون جي اسير سيد زين شاهه جو ڄامشورو ۾ استقبال ڪيو ويو.

جڏهن ته ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ حافظ بخشل سهڙو، ساگر جمن بڙدي، شاهنواز خاصخيلي، سرور برفت، قادر بخش ڀلائي، صاحب خان نوحاڻي، منصور جويو ۽ ڪارڪن گلن جي ورکا ڪري زين شاهه جو استقبال ڪيو.

ان موقعي تي زين شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 14 سالن ۾ پي پي حڪومت سنڌ جو سودو ڪري ڇڏيو آهي، زرداري سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين جو تين وال ڪري انهي کي ڪاروبار ڪري ڇڏيو آهي، پنهنجن بلڊرن ملڪ رياض ۽ ٻين کي اهي زمينون جعالي ڪاغذ ٺاهي ڏنيون ويون آھن، ملير ٺٽو ۽ ڄامشوري ضلعي جي زمينن جا ڪوڙا ڪاغذ ٺاهي وڪرو ڪيو ويو، جنهن خلاف پرامن احتجاج ڪيو ته اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا.

زين شاهه جو وڌيڪ چوڻ ھو ته پيپلزپارٽي چوڏنهن سالن ۾ قومي تحريڪ خلاف پڻ آپريشن ڪيو آھي، اڄ به ڪيترائي نوجوان هر روز کنڀي گم ڪيا پيا وڃن، بحريا ٽائون خلاف ڪيل پرامن احتجاج تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، هي ڪوڙا ڪيس اسان کي جهڪائي نٿا سگهن، پوري سنڌ جي قومي ڪارڪن جا حوصلا بلند آھن، جيل ۾ رهي ڪيس وڙھي ثابت ڪنداسين ته بحريا ٽائون جا سڀ ڪيس ڪوڙا آھن.