افغانستان جي موجوده صورتحال ۾ پاڪستان اهم اسٽيڪ هولڊر آهي: فواد چوڌري

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) وفاقي وزير اطلاعات و نشريات فواد چوڌري چيو آهي ته افغانستان جي موجوده صورتحال ۾ پاڪستان اهم اسٽيڪ هولڊر آهي، سي پيڪ منصوبي ۾ گوادر کان افغانستان ۾ مزار شريف تائين اتان کان تاشقند تائين ريلوي ٽريڪ ۽ روڊ ٽريڪ منصوبو شامل آھي ته جيئن پاڪستان کي تاشقند ذريعي يورپي منڊين تائين رسد ملي سگهي، جنهن سان پاڪستان ۾ معاشي انقلاب اچي ويندو. جنهن لاءِ به افغانستان ۾ امن ضروري آهي.

گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ سندس آفيس ۾ بدين پريس ڪلب جي سينئر صحافين جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو وفاقي وزير فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان افغانستان جي اڳوڻي صدر اشرف غني کي ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ بجاءِ ملڪ ۾ موجود سڀني ڌڙن کي گڏ ڪري حڪومت ٺاهڻ جي تجويز ڏني هئي ڇا ڪاڻ ته افغاستان ۾ پنجاهه سيڪڙو مختلف زبانون ڳالهائيندڙ قومون آھن پر پنجاهه سيڪڙو آبادي رکندڙ پٺاڻن جو سٺ سيڪڙو افغان حڪومت ۾ حصيدار آھن، جنهن تان افغانستان جي اڳوڻي صدر اشرف غني جا پاڪستان سان اختلاف شروع ٿيا.

هن چيو ته پاڪستان آمريڪا جي طالبان سان ڳالهيون شروع ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پر آمريڪا افغانستان مان وڃڻ نڪرڻ واري فيصلي ۾ پاڪستان کي اڻڄاڻ رکيو.

هن چيو ته اسان آمريڪا کي به چيو ته افغانستان ڇڏڻ کان پهرين سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي گڏي ڪري گڏيل حڪومتي سيٽ اپ جوڙيو وڃي پر آمريڪا اسان جي ڳالھ نه مڃي. هن چيو ته آمريڪا اسان جي تجويز تي عمل ڪري ها ته هن وقت افغانستان ۾ غير يقيني واري صورتحال نه هجي ها.

وفاقي وزير فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته اسان طالبان کي به تجويز ڏني آهي ته افغانستان ۾ حڪومتي سيٽ اپ ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي شامل ڪيو وڃي ته جيئن افغانستان ٻيهر گهرو ويڙهه کان بچي سگهي، هن چيو ته افغانستان جي نان طالبان اڳواڻ يونس قانوني، احمد شاهه مسعود ۽ ٻي نان طالبان قيادت پاڪستان ۾ موجود ھئي، جن کي افغانستان جي حڪومتي سيٽ اپ ۾ شامل ٿيڻ جي صلاح ڏني ويئي آھي.

پاڪستان ميڊيا ڊولپمنٽ اٿارٽي جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ حقيقي صحافت جو ڏڪار آهي، ايتري قدر جو ڪجھ ميڊيا هائوسز مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهن ۽ ملڪ ۾ حقيقي صحافت ڪندڙ ۽ ميڊيا جي ورڪرن کي ڪنهن به قسم جو معاشي تحفظ حاصل نه آهي، وفاقي حڪومت ميڊيا مالڪن کي 70 ڪروڙ روپين کان مٿي رهتون ادا ڪيو آهن پر اهي مالڪان پنهنجي ورڪرن کي پگهارون به نه ٿا ڏين. ميڊيا ۽ ملڪ جون صحافتي تنظيمن جا ليڊر، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن جي ميڊيا هائوسسز جي مالڪن سان گڏ بيٺل آھن.

هن چيو  ته سوشل ميڊيا به بي لغام بڻيل آهي، سوشل ميڊيا سبب ڪنهن جي به عزت محفوظ نه آهي، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ ميڊيا ورڪرز جي تحفظ ۽ فيڪ نيوز جي روڪٿام جي قانون کان سواءِ هر معاملي تي ميڊيا هائوسز سان ڪمپرومائيز ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

سنڌ جي صورتحال تي ڳالهائيندي وفاقي وزير فواد چوڌري ڳالهائيندي چيو ته بدقسمتي سان سنڌ ۾ آئين تي عمل نه ٿي رهيو اسان هن مهل تائين سنڌ کي 19 سئو ارب ڏنا آهن پر سنڌ ۾ ترقي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

هن آئين جي آرٽيڪل 140 اي جو حوالو ڏيندي چيو ته وفاق ٽيڪس جمع ڪري ان جو 60 سيڪڙو صوبن کي ڏيندو آهي، جيڪو صوبي کي ضلعن کي ورهائي ڏيڻا آهن پر سنڌ ۾ ضلعن جي ترقي جي رقم اوستائين نٿي پهچي.

هن چيو ته بدين ۽ گهوٽڪي سنڌ جا اهي ضلعا آھن، جتان قدرتي معدنيات جنهن ۾ تيل ۽ گيس شامل آھي، ان جي مد ۾ به سنڌ کي پنج کان ست سئو ارب ملن ٿا، جيڪي انهن ضلعن تي خرچ ٿيڻ گهرجن پر سنڌ ۾ ان تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي.

هن چيو ته جيستائين صوبا پنهنجي حصي جا ڪم نه ڪندا، ملڪ ترقي نه ڪندو.

هن چيوته وفاقي حڪومت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ صحت ڪارڊ ذريعي 10 لک روپين تائين مفت علاج جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ وفاق پنجاهه سيڪڙو ڀريندو آهي، باقي صوبا ڀريندا آهن، سنڌ ۾ صحت ڪارڊ شروع ڪرڻ چاهيون ٿا پر سنڌ حڪومت سندس حصي جي اڌ رقم ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.

ان موقعي تي ڊاڪٽر فهميدهه مرزا چيو ته بدين ضلعي جي عوام سياسي طور شعور رکندڙ آهي، اتان جي صحافين هميشه عوام جي حقيقي مسئلن کي اجاڳر ڪيو آھي.

هن چيو ته بدين ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي ويئي آھي، جنهن ڪريا تان جي صورتحال خراب آھي.

ان موقعي تي بدين پريس ڪلب جي صدر تنوير آرائين وفاقي وزير کي بدين جي صحافين سان درپيش مسئلا پيش ڪيا، جنهن تي وفاقي وزير صحافين جا جائز مسئلا حل ڪرڻ ۽ بدين پريس ڪلب جي مالي مدد ڪرڻ جي پڻ يقين ڏياريو وفد ۾ سينئر صحافي مرتضيٰ ميمڻ، شوڪت ميمڻ، حميد سومرو، عمران خواجه، شفيع ميمڻ، سليمان مينڌرو، اشفاق ميمڻ، سانوڻ خاصخيلي، ملڪ الياس، شڪور ميمڻ، خالد عباسي، دودو پنھور، نور حسن سولنگي ۽ مجيد ملاح شامل هئا.