news
نٸون ديرو

نئون ديرو ۾ اسڪول کپن تالا نه کپن جي عنوان هيٺ سماجي تنظيم پاران احتجاج

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) اسڪول کپن تالا نه کپن جي عنوان هيٺ سماجي تنظيم اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن شائسته بلوچ جي اڳواڻيءَ ۾ شهيد راڻي بينظير پريس ڪلب نئون ديرو پهچي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي اسٽيپ فائونڊيشن جي ورڪرن ۽ سول سوسائٽي پاران راڻي اعواڻ، عيسيٰ جتوئي، فياض ابڙو، ساجد کهڙو، فاروق پنهور ۽ ٻين سميت احتجاجي مظاهرو ڪري “اسڪول کپن _ تالا نه کپن” جا زوردار نعرا لڳايا ويا.

جڏهن ته ڳالهائيندي مٿين اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ جو شعور جاڳي چڪو آهي ۽ اهو هاڻي تيستائين خاموش ٿي نه ويهندو جيستائين سنڌ جا سمورا اسڪول نٿا کوليا وڃن.

هنن چيو ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جو جواز ڄاڻائي گذريل ڪيتري عرصي کان بند ڪيل تعليمي ادارا ايس او پيز مقرر ڪري کولڻ گهرجن ڇاڪاڻ جو ڊگهو عرصو تعليم کان پري رهڻ ڪري ٻارڙن جي ذهني اوسر تي تمام گهڻا ناڪاري اثر پئيج رهيا آهن. ملڪ جي ٽن صوبن ۾ تعليمي ادارن کي ايس او پيز تحت کوليو ويو آهي ته پوءِ سنڌ حڪومت ڇو اسڪول کولڻ لاءِ تيار نه پئي ٿئي. سنڌ جا اسڪول بند ڪري ٻارڙن جي تعليم کي تباهيءَ طرف ڌڪيو پيو وڃي، جيڪو اسان ڪڏهن به ٿيڻ نه ڏينداسين. سنڌ حڪومت مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ذميواري اسڪول بند ڪري نڀائي رهي آهي جيڪو غلط عمل آهي، دنيا ۾ ترقي پذير ملڪن اسڪول کولي ڇڏيا آهن ۽ سنڌ جا تعليمي ادارا چوپائي مال ۽ گڏهن جا واڙا يا اوطاقون بڻيل آهن جيڪو ٿيڻ نه ڏينداسين.

هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جا سمورا تعليمي ادارا هڪدم کولي انهن ۾ تدريسي عمل کي ٻيهر فعال بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ تيستائين خاموش ٿي نه ويهنداسين، جيستائين اسڪول نٿا کوليا وڃن.