news
مظفرآباد

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم پندرنهن رڪني ڪابينه جي منظوري ڏئي ڇڏي

مظفرآباد: (خميس 26 آگسٽ 2021ع) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم 15 رڪني ڪابينه جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.  وفاقي ڪابينه ۾ اظهر صادق، چوڌري ارشد، علي شان سوني، ملڪ ظفر، چوڌري اخلاق، انصر ابدالي، محمد حسين، فهيم رباني، مير اڪبر، شاهده صغير، خواجه فاروق به شامل آهن.

چوڌري رشيد، ديوان چغتائي، اڪمل سرگاله، ماجد خان، حڪومت جا وزير مقرر ڪيا ويا آهن. نئين مقرر ڪيل ڪابينه جا ميمبر اڄ ايوان صدر ۾ پنهنجي عهدن جو حلف کڻندا.

چوڌري محمد اڪبر ۽ مقبول احمد وزيراعظم جا صلاحڪار مقرر ڪيا ويا آهن جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.