news
شهدادپور

شھدادپور لڳ ڳوٺ صاحب خان نظاماڻي ۾ ستين ڪلاس جي شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور ويجهو ڳوٺ صاحب خان نظاماڻي مان 14 سالا 7 ڪلاس جي شاگردياڻي نينگري دعا ڪلهوڙو ولد مرحوم مصري سان مبينه طور 4 ڄڻن پاران اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي مزاحمت تي سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا.

هوڏانهن ڳوٺاڻن جي پهچڻ تي مذڪوره ماڻهو فرار ٿي ويا، اطلاع تي نينگر جي وارثن شھدادپور ٿاڻي تي پهچي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پهتا پر پوليس ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

هوڏانهن نينگري جي وارثن ماءُ نصرت شھدادپور پوليس خلاف احتجاج ڪندي چيو ته پوليس بااثرن ڌرين جي ونگار ڪري رهي آهي. نينگري دعا ڪلهوڙو موجب ته ٽيوشن تي پئي ويس ته گلاب پنهنجن ساٿين سان گڏ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي تشدد ڪري ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪيا نينگري جي والده نصرت موجب ته شهدادپور پوليس اسان جو ڪيس وٺڻ بجاءِ چيو ته ايم پي اي هائوس تي وڃي فيصلو ڪيو.

هنن چيو ته مذڪوره ماڻهن خلاف اسان جا ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ آهن، هٿ کڻائڻ لاءِ اهڙو ورتا ڪري پريشان ڪيو پيو وڃي.

هنن گهر ڪئي ته ڪيس داخل ڪري واقعي جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان ڪورٽ سڳوري جو دروازو کڙڪائينداسين.