news
جيڪب آباد

سکر جي وڪيلن تي تشدد واري واقعي خلاف احتجاج ۽ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن پاران سکر ٽول پلازهه جي ملازمن پاران وڪيلن تي تشدد واري واقعي خلاف ڊسٽرڪٽ بار جي جنرل سيڪريٽري مظفر علي رند، راجا رياض اختر، مصري خان جکراڻي، عبدالرحمان مغل، جي ايم سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.

ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سکر جي ٽول پلازهه جي ملازمن غنڊهه گردي ڪئي آهي، وڪيلن تي بلاجواز سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو پر ان باوجود به پوليس ڪيس داخل ناهي ڪيو.

ھنن مطالبو ڪيو ته فورن ڪيس داخل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.