ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ ٻه سئو رپيا في تولو گهٽتائي ڪئي وئي آهي

news

ڪراچي: (خميس 26 آگسٽ 2021ع) ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن سڄي ملڪ ۾ سون اگهن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

سنڌ صرافه بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 200 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ هڪ لک 9 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 171 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 94 هزار 136 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 4 ڊالر گهٽتائي سان 1790 جي سطح تي اچي ويو آهي.