news
ڏوڪري

ڏوڪري ڀرسان ٻه نوجوان پراسرار نموني گم

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) موهن جو دڙو فارم ڪالوني ڏوڪري جو نوجوان نعيم عباس کوسو گزريل هڪ هفتي کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آھي.

ان سلسلي ۾ نوجوان نعيم عباس کوسو جي والد ميهر علي کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته منهجو پٽ ڪجهه ڏينهن اڳ گهران نڪري ڏوڪري شهر ويو ته واپس نه آيو، هڪ هفتو گذرڻ باوجود پتو پئجي ناهي سگهيو.

هن لاڙڪاڻو انتظاميا کان گهر ڪئي آهي ته منهنجي پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

ٻئي پاسي ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو جو رهواسي 17 سالن جو سعيد احمد عباسي گم ٿي ويو آهي.

ان سلسلي ۾ ان جي چاچي محمد صالح عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو ڀائٽو 10 محرم تي ڪچي جي درگاهه محبڻ تي دوستن سان گڏ ماتم ڏسڻ ويو هو ته هو واپس گهر نه آيو، ايئرپورٽ پوليس کي اطلاع ڏنو آھي پر ڳولا ۾ مدد نه ٿي ڪري اسان علائقي واسين وس وارن کي اپيل ڪيون ٿا ته ڀائٽي جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.