جيڪب آباد ويجهو پاڻي نه ملڻ سبب ڳوٺاڻن جو ساريالو فصل سڙڻ لڳو، احتجاج

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي ڳوٺ نبي بخش لھڙي واسي ڳوٺاڻن جو بااثر وڏيري زرعي پاڻي جي استعمال وارو واھه پوري ڇڏيو، زرعي پاڻي بند ٿيڻ سبب ڳوٺاڻن جو ساريالو فصل سڙڻ لڳو، ڳوٺاڻن رحمت الله بروھي، نظر محمد ۽ عورتن گل خاتون، مسمات پيروزان سميت پريس ڪلب آڏو پھچي سارين جو سڙيل فصل کڻي احتجاج ڪـندي دانھيو آهي ته اسان جي ڳوٺ دوست علي ۾ 60 جريب زمين آھي، جنھن زمين کي پاڻي فراهم ڪندڙ واھه بااثر وڏيرن سلطان احمد، طالب حسين ۽ حضور بخش بروھي بندي ڪري ڇڏيو آهي، زمين جو پاڻي بند ٿيڻ ساريالو فصل سڙي رک ٿي رهيو آهي، بااثرن پاران پاڻي بند ڪرڻ واري واقعي خلاف پوليس کي شڪايت ڪئي وئي پر پوليس بااثرن آڏو بيوس بڻيل آهي.

ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پاڻي بند ڪندڙ وڏيري خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي، جيئن فصل کي سڙڻ کان بچايو وڃي.