پرڏيهه ويندڙ مسافرن کي بوسٽر ڊوز ويڪسين جي اضافي خوراڪ پئسن تي لڳائي ويندي

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 28 آگسٽ 2021ع) پرڏيهه ويندڙ مسافرن کي ويڪسين جي اضافي خوراڪ پئسن تي لڳائي ويندي. رپورٽ موجب صحت واري وزارت پرڏيهه ويندڙ مسافرن جي لاءِ اين سي او سي جي سفارش تي اهم فيصلو ڪيو آهي.

فيصلي جي روشني ۾ هاڻ پرڏيهه ويندڙن کي بوسٽر ويڪسين جي اضافي خوراڪ لڳندي ۽ ان جا پئسا به وصول ڪيا ويندا. ان حوالي سان صحت واري وزارت باضابطه نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب بوسٽر ويڪسين جي اضافي خوراڪ جي قيمت وصول ڪئي ويندي ۽ هڪ خوراڪ جي قيمت 1270 روپيه وصول ڪيا ويندا.

ويڪسين بوسٽر سموري ملڪ جي مخصوص ويڪسين مرڪزن تي لڳائي ويندي ۽ ان جي قيمت جي ادائيگي نيشنل بينڪ جي سمورين برانچن ۾ ڪري سگهجي ٿي.