news
نٸون ديرو

ملير جي صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف نئون ديرو جي قلم ڌڻين پاران احتجاج

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) ملير جي صحافين مٿان شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او پاران فراڊ ڪمپنيءَ سان ملي ڀڳت ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف نئون ديرو جي صحافين پاران احتجاج ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته صحافين رشيد ابڙو، عبدالقادر اوڍو، غلام عباس ڌوڪي، نور محمد سومرو، منصور سومرو، سليم رضا سولنگي، محمد اياز چنو ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي پوليس خلاف نعريبازي ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

هوڏانهن ڳالهائيندي هنن جو چوڻ هو ته ڪراچيءَ جي ملير ۾ فراڊ ڪمپنيءَ پاران بيروزگار نوجوانن کي روزگار جو دلاسو ڏئي، لکين روپيه فراڊ ڪرڻ واري مامري خلاف ڪيل احتجاج جي ڪوريج ڪندڙ ملير پريس ڪلب جي صحافين مٿان فراڊ ڪمپنيءَ ايس ايڇ او شاهه لطيف ٽائون سان ملي ڀڳت ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. پوليس شهرين کي انصاف ڏيڻ بجاءِ فراڊي ڪمپني ۽ دوکيباز ماڻهن سان فراڊ ۾ برابر جي شريڪ آهي.

هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ٻين پوليس جي اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته صحافين مٿان داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري فراڊين جي ونگار وهندڙ ايس ايڇ او شاهه لطيف ٽائون خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.