news
شهدادپور

سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻائڻ خلاف ريلي ڪڍي وئي

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران سنڌ جي زمينن تي والار، ڌارين جي آبادڪاري ۽ سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻائڻ خلاف شھدادپور جي هالا چوڪ کان پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪري ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي اڳواڻن رياض چانڊيو، محمد خان زنئور، روشن ٻرڙو، رسول بخش خاصخيلي، اسلم خيرپوري، گلزار سومرو، شوڪت ابڙو،  نور النبي راهوجو، قربان پنهور ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي زمينن، ٻيٽن، ڳوٺن تي جبري والار، ڌارين جي آبادڪاري اسان سنڌ جي ماڻھن کي ڪنهن به قيمت تي قبول ناهي. سنڌ جي ماڻھن اهڙن ظلمن خلاف ڪراچي ۾ بحريا ٽائون جي مکيه گيٽ تي گڏ ٿي سنڌ دشمن منصوبن خلاف آواز بلند ڪيو. جتي حڪمرانن وائڙائپ جو مظاهرو ڪري ڊرامون رچائي بحريا ٽائون جي دروازي کي باھ ڏياري اسان مٿان دھشتگردي جا منگهڙت، ڪوڙا ڪيس داخل ڪري هلڪڙائپ جو مظاهرو ڪيو. اسان اهڙن منگهڙت ڪيسن کان ڊڄڻ وارا ناهيون.

هنن چيو ته سنڌ ۾ بروزگاري، بک بدحالي، چوٽ تي چڙهيل آھي. جڏھن ته مهانگائي عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي ۽ زرداري پارٽي ڪرپشن جي بازار گرم ڪري سنڌ کي ڪنگال بڻائي ڇڏيو آھي.

هنن چيو ته اسان سنڌ جي ماڻھن ۾ سجاڳي مهم هلائڻ لاءِ نڪتا آھيون ته جئين سنڌ ٿيندڙ ظلم خلاف مضبوط حڪمت عملي تحت جهدوجهد کي جاري رکجي.