ڪواليشن فار انڪليو سو پاڪستان سي آءِ پي حيدرآباد ريجن ڪنوينر عابد لاشاري حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس

news

حيدرآباد: ملڪ سميت سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ مختلف سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪواليشن فار انڪليو سو پاڪستان حيدرآباد ريجن جي ڪنوينر عابد لاشاري، متين خان، طارق بلوچ، سعيد احمد، آرزو ۽ ٻين ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي، صوبائي توڙي قانون ساز ادارن تي زور ڀريندي چيو آهي ته معاشري جي پوئتي پيل طبقي خاص طور تي معزورن، خواجه سرائن ۽ عورتن جي سياسي چونڊ عمل تي برابر جي شرڪت جي حقن جو تحفظ لاءِ ترت جوڳا اپاءَ ورتا وڃن.

هنن چيو ته 2018 جي ٿيل چونڊن ۾ عورت جو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جو ريشو گهٽ رهيو. جنهن لاءِ عورتن کي اڳتي آڻڻ لاءِ آگاهي مهم هلائي وڃي. هنن چيو ته ملڪ ۾ عورتن جو تعداد وڌيڪ آهي، ان لاءِ سياسي پارٽين سميت اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته ان طرف توجهه ڏئي صرف وڏن شهرن بدران ننڍن شهرن مان مخصوص سيٽ تي عورتن جي نمائندگي کي يقيني بڻايو وڃي. جنرل سيٽن تي 3 مان وڌائي 10 سيڪڙو ڪيو وڃي.

هنن چيو ته معزورن کي سياسي ۽ چونڊ عمل ۾ آڻڻ لاءِ خاص سيٽون رکيون وڃن ته جيئن معزور قانون سازي جي فيصلن ۾ شريڪ ٿي سگهن، چونڊ سڌارن ۾ اها پڻ سفارش شامل آهي ته ووٽ ڏيڻ دران پولنگ اسٽيشن تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ريمپ، ويل چيئر ۽ اشارن جي ترجمان جو هجڻ کي لازمي قرار ڏنو وڃي.

هنن چيو ته سي آءِ پي حيدرآباد ريجن سياسي جماعتن تي زور ڀريندي وڌيڪ چيو ته سندن تنظيم سازي ۾ عورتن جيان معزورن ۽ خواجه سرائن ۾ لاءِ پڻ خاص شعبا ۽ ونگ قائم ڪيا وڃن، جتي سندن سياسي تربيت ڏني وڃي ته جئين معزور ۽ خواجه سرائن کي سياسي عمل ۾ ميمبر ۽ ليڊر شپ جي برابر جي بنياد تي شامل ڪري سگهجي.

هنن چيو ته ملڪ ۾ 15 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ معزور آهن، جيڪي مسلسل مسئلن جو شڪار رهيا آهن، جڏهن ته تازو حيدرآباد ۾ 102 معزور گذريل ڪجهه سالن کان نوڪرين جا لاءِ انٽريون ڏيڻ جي باوجود کين نوڪري نه ملي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ معزورن جي ڪوٽا ۾ ڪري سندن مسئلا حل ڪيا وڃن.