news
نٸون ديرو

نئون ديرو: واپاري مٿان ڇهه ڏينهن اڳ ٿيل حملي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف جت برادريءَ جو احتجاج

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) نئون ديرو جي اسٽيشن روڊ تي ڪراياني جي واپاري رانجهن جت مٿان 6 ڏينهن اڳ ٿيل حملي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف ڪراياني جي واپارين ۽ جت برادريءَ جي ماڻهن جو نئون ديرو پوليس خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

جڏهن ته احتجاجي اڳواڻي ڪندڙ عبدالڪريم جت، الطاف احمد، امجد سيٺار، نديم ڀٽو، عبدالغفار، نويد احمد ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته 6 ڏينهن اڳ جوابدارن لعل بخش، احسان، سائين بخش، عرفان ۽ عمران اسان جي دوڪان تي حملو ڪيو هو، جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب منهنجو ڀاءُ رانجهن سخت زخمي ٿي پيو هو، جيڪو هن وقت ڪراچي جي اسپتال موت سان جنگ وڙهي رهيو آهي. مٿي ڄاڻايل جوابدارن اسان کي وڌيڪ حراسان ڪري رهيا آهن، پوليس هن وقت تائين جوابدارن خلاف ڪک ڀڄي ٻيڻو ناهي ڪيو ۽ هٿ تي هٿ رکي ويهي رهي آهي. پوليس هن وقت تائين حملي ۾ ملوث پنجن جوابدارن مان هڪ کي به گرفتار ناهي ڪري سگهي.

هنن پوليس مٿان الزام هڻندي چيو ته پوليس جوابدار ڌر کان ڳري رشوت ورتي آهي، جنهن ڪري انهن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي ڪري. اسان واپاري آهيون، پنهنجو ڪاروبار ڪريون يا جوابدارن سان جهيڙو ڪريون.

هنن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ايم پي اي فريال ٽالپر، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته مامري جو نوٽيس وٺي حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪري اسان ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.