news
بدين

پاڻي جي کوٽ ۽ زرعي معيشت تباهه ٿيڻ سبب هر طبقي جو ماڻھو معاشي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي: تنزيلا قمبراڻي

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) انفارميشن ٽيڪنالاجي کاتي بابت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خاص صلاحڪار تنزيلا قمبراڻي چيو آهي ته بدين ضلعي ۾ پاڻي کوٽ سبب معاشي طور تباهي ٿي ويو آهي، پاڻي جي کوٽ ۽ زرعي معيشت تباهه ٿيڻ سبب هر طبقي جو ماڻھو معاشي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، سخت پريشان آهي. 

وڏي وزير جي صلاحڪار مقرر ٿيڻ بعد پهريون ڀيرو بدين پهچڻ تي استقبال لاءِ پهتل ڪارڪنن ۽ عهديدارن جي ميڙ کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته انڊس اسپتال بدين عملي جي غفلت سبب ناخوشگوار واقعا پيش اچي رهيا آهن، تازو واقعو به انڊس اسپتال جي بدانتظامي ظاهر ڪري ٿو، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. هن چيو ته انڊس اسپتال ۾ ٿيل تازي واقعي جي جاچ ڪرائي ذميوارن کي سخت سزا ويندي.

ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻ ڪامريڊ امير حسن کوسو، نور محمد ملاح، سليم خاصخيلي، شهباز ميمڻ، مولا بخش خاصخيلي، ليڊيز ونگ اڳواڻ حاجياڻي کوسو، زاهدهه پروين خاصخيلي، زهري ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ پڻ موجود هو.