ڪراچي ۾ بيدردي سان قتل ڪيل پورهيت نوجوان شهزاد چانڊيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريلي

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ڄامشورو جي سول سوسائٽي، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ نوجوانن جي اڳواڻي ۾ لمس گيٽ کان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

جڏهن ته اڳواڻن صفي الله چانڊيو، سرتاج نوحاڻي، ارشاد چانڊيو، فياض چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته پورهيت نوجوان شهزاد چانڊيو ڪراچي جي هڪ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ مزدور هو، جنهن کي مزدوري تان واپس ايندي ڪراچي جي علائقي شريف آباد ۾ ايس ايڇ او سراج خٽڪ، دانش پٺاڻ ۽ محمد خان پٺاڻ روڪيو ۽ موٽرسائيڪل جا ڪاغذ نه هجڻ اجي صورت ۾ کنڀي کڻي ويا، نوجوان شهزاد چانڊيو جي گرفتاري کي  گجهو رکي کيس صبح جو 11 گوليون هڻي  جڙتو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو.

هنن مطالبو ڪيو ته شھزاد چانڊيو جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ احتجاجي دائرو وڌايو ويندو.