news
لاھور

پنهنجي سيٽ نه کٽيندڙ مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي: فياض الحسن چوهاڻ

لاهور: (سومر 30 آگسٽ 2021ع) پنجاب حڪومت جي ترجمان فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته عوام هاڻ باشعور ٿي چڪو آهي. شهباز شريف جي حڪومت واري خواهش صرف خواهش ئي رهجي ويندي. پنهنجي سيٽ نه کٽيندڙ مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي.

پي ڊي ايم جلسي ۽ شهباز شريف جي بيان تي رد عمل ۾ پنجاب حڪومت جي ترجمان فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته ڏيڍ سال کان پي ڊي ايم جون ڳالهيون ٻڌي عوام جا ڪن پچي چڪا آهن. ساڳيون ڳالهيون پهريان بلاول ڀٽو زرداري ۽  مريم نواز ڪندا هئا. طوطي ۽ مينا جي غير موجودگي ۾ شهباز شريف به ساڳيون ڳالهيون ڪيون آهن.

پنجاب حڪومت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته شهباز شريف چوي ٿو ته  موقعو مليو ته ملڪ جا سمورا مسئلا حل ڪنداسين. چاليهه سان پنجاب مٿان حڪومت ڪندڙن کي هڪ ٻئي موقعي جو انتظار حيرت جوڳو بيان آهي.