news
نٸون ديرو

نئون ديرو هائوس ٻاهران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي موجودگيءَ دوران آءِ ايڇ ايس جي ملازمن جو احتجاج

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي نئون ديرو هائوس ۾ موجودگي دوران لاڙڪاڻي ضلعي جي رورل هيلٿ سينٽرن مان برطرف ڪيل پيراميڊيڪل ملازمن جو نئون ديرو هائوس ٻاهران 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود به احتجاج جاري آهي.

جڏهن ته راشد سومرو، شوڪت ڀٽو، بابر ابڙو، شڀانه ڪانڌڙو، صنوبر جوڻيجو، فرزانه بلوچ، امداد عباسي، ظير ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ مظاهرين هٿن ۾ پاڪ ڪتاب، بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي هڪ ئي وقت نئون ديرو هائوس جي مکيه گيٽ ۽ گيٽ نمبر 4 تي ڌار _ ڌار ڌرڻا لڳائي ويهي رهيا ته جيئن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جنهن به گيٽ کان ٻاهر اچي ته ان آڏو پنهنجا مطالبا پيش ڪري سگهجن.

هوڏانهن ميڊيا آڏو دانهون ڪندي ملازم اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان گذريل ڏينهن 5 بجه کان وٺي هن وقت تائين نئون ديرو هائوس ٻاهران احتجاج تي ويٺل آهيون، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هائوس اندر موجود هجڻ باوجود به هن وقت تائين اسان کي ملڻ لاءِ ناهي گهرايو ۽ نه ئي ڪو نمائندو موڪليو جيڪو اسان جي دانهن ٻڌي ان تائين پهچائي. اسان مخالف سياسي تنظيمن جا ڪارڪن نه پر پاڪستان پيپلزپارٽي جا جيالا ورڪر ئي آهيون، جن کي پنهنجي پارٽيءَ جي چيئرمين کان پري رکيو پيو وڃي.

هنن چيو ته اسان اڃ، بک تي مسلسل احتجاج تي ويٺل آهيون، فقط ان ڪري ته پنهنجي ڳالهه پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تائين پهچايون. ڇاڪاڻ جو هو وفاقي حڪومت پاران نوڪرين مان نيڪالي ڏنل سئي گئس جي ملازمن جي بحاليءَ جي ڳالهه ڪري ٿو ته اسان جي بحالي ته پ پ چيئرمين جي هٿ وس آهي، ڇاڪاڻ جو سنڌ حڪومت پيپلزپارٽي جي آهي. صحت کاتي آءِ ايڇ ايس جو اسپتالن مان ٺيڪو ختم ڪري ڇڏيو، جنهن سان اسان سڄي سنڌ جا 8 هزار ملازم بيروزگار ٿي ويا آهيون. اسان اهو نٿا چئون ته آءِ ايڇ ايس کي بحال ڪريو پر اسان چئون ٿا ته اسان کي اسپتالن ۾ ڊيلي ويجز تي ئي مقرر ڪري بيروزگاري کان بچايو وڃي. بيروزگار ٿيڻ ڪري اسان جا ٻچڙا بک، بدحاليءَ جي ور چڙهي ويا آهن، برطرفي کان وٺي هن وقت تائين اسان جي گهرن جي چلهه اجهاميل آهي. اسان کي پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سان ملايو وڃي ته جيئن اسان ان تائين پنهنجي ڳالهه رکي سگهون. اسان جا ٻچڙا بکون ڪاٽي رهيا آهن ته اسان ڪيئن سک سان ويهون ڪالهه شام کان سڄي رات ۽ هن وقت به بک ۽ اڃ تي ويٺل آهيون. اسان جو ڪوبه غيرقانوني مطالبو ناهي فقط هڪڙو ئي مطالبو آهي ته اسان کي اسپتالن ۾ نوڪرين تي بحال ڪري صحت کاتي ۾ ضم ڪيو وڃي ۽ هتان تيستائين نه اٿنداسين جيستائين اسان کي بلاول ڀٽو زرداريءَ سان ملايو نٿو وڃي.

هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو نئون ديرو هائوس وڃڻ دوران ملازمن کي ڏسي انهن وٽ پهچي ويو.

جڏهن ته  جميل سومرو آءِ ايڇ ايس ملازمن کي چيو ته آءِ ايڇ ايس اين جي اوز هئي ۽ ان جو ٺيڪو ختم ٿيڻ بعد اوهان جون نوڪريون پاڻ مرادو ختم ٿي ويون ۽ اوهان جو احتجاج ڪرڻ نٿو ٺهي ان ڪري احتجاج ختم ڪري واپس هليا وڃو.

جڏهن ته  مظاهرين جميل سومرو کي چيو ته اسان کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سان ملايو وڃي ته جيئن اسان ان تائين پنهنجي ڳالهه رکي سگهون، جنهن تي جميل سومرو کين خاطري ڪرائي ته آئون اوهان جي ڳالهه بلاول ڀٽو زرداريءَ تائين پهچايان ٿو. اوهان احتجاج ختم ڪيو، جنهن تي ملازمن جميل سومرو کي اها ڳالهه لکت ۾ ڏيڻ جي گهر ڪئي ته اسان کي بحال ڪيو ويندو، جنهن کان جميل سومرو انڪار ڪري هائوس اندر روانو ٿي ويو، جنهن جي ڪجهه دير بعد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هائوس کان گاڏين جي قافلي سان ٻاهر نڪتو ته مظاهرين نعريبازي ڪئي، جنهن تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مظاهرين کي ڏسڻ باوجود بغير ڳالهائڻ جي هائوس کان سکر لاءِ روانو ٿي ويو.

جڏهن ته ملازمن جو احتجاج آخري اطلاعن تائين جاري هو.