news
جيڪب آباد

جيڪب آباد ۾ گرفتار ڪيل ڇهه افغاني عدالت ۾ پيش، ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي صدر پوليس ھڪ ڏينھن اڳ گرفتار ڪيل 6 افغاني شھرين سليمان، عبدالنافع، بلول، اميد علي، عبدالحڪيم ۽ رفعت الله کي سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، پوليس عدالت ۾ 14 ڏينهن جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي. عدالت پوليس جي درخواست تي گرفتار افغانين کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ان سلسلي ۾ صدر پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گرفتار افغانين کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت افغاني شھرين کي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو آهي، ريمانڊ پورو ٿيڻ بعد 2 سيپٽمبر تي افغانين کي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

واضح رهي ته ھڪ ڏينھن اڳ صدر پوليس سنڌ بلوچستان جي سرحدي پٽي تي گاڏين جي تلاشي دوران افغانين کي گرفتار ڪيو ھو.